بلوچ، عزيز

بلوچ، عزيز

 عزيز بلوچ جو ڪتاب ’ڪينٽي جانڊو‘

عزيز بلوچ جو ڪتاب ’ڪينٽي جانڊو‘

عزيز بلوچ

عزيز بلوچ: موسيقيءَ جي علم جو ماهر ۽ راڳي. بين الاقوامي شهرت رکندڙ موسيقيءَ جي ماهر عزيز بلوچ، ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ پير جي ڳوٺ (ضلعي خيرپور) ۾ ابتدائي زندگي گذاري ۽ هاءِ اسڪول تائين حيدرآباد ۾ پڙهيو ۽ ميٽرڪ مسلم عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين، ان کانپوءِ اعليٰ تعليم جي سلسلي ۾ اسپين جي گاديءَ واري شهر ميڊرڊ ڏانهن ويو، جتي پاڻ ’صوفي ميوزڪ‘ ۽ ’صوفي فلاسافيِءَ‘ جا مضمون پڙهيائين. اسپين وڃڻ کان اڳ ۾، سنڌ ۾ هن ٽيهن واري ڏهاڪي ۾ ڪافين کي لئي ۾ ڳائڻ ۾ وڏو نالو ڪڍيو هو ۽ سندس اها سڃاڻپ ان وقت اسپين ۾ کيس گهڻي ڪم آئي، جڏهن پاڻ اتان جي ٻولي ۽ موسيقي سکي، اندلسي موسيقيءَ سان گڏ گٽار وڄائڻ ۾ مهارت حاصل ڪيائين. هن صوفي راڳ جي سکيا سان گڏ تحقيق به شروع ڪئي. جيئن ته هن جي تحقيق جو بنيادي موضوع صوفي راڳ هو، ان ڪري پهرين ته هن صوفي ازم جو مطالعو ڪيو، جنهن ۾ هن ابن العربيءَ کان اسپيني صوفين جان ڊي لاڪروز (Juan de la Cruz) ۽ سانتا ٽيريسا ڊي جيزس (Santa Teresa de Jerus) کي سمجهي راڳ ڏانهن لاڙو رکيو. هڪ ڀيري هن جي ڪن دوستن هن جي دلچسپيءَ لاءِ اتان جي موسيقيءَ ‘Cante Jondo’ جا رڪارڊ هن جي اڳيان وڄايا، جن هن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو، جنهن لاءِ هن هڪ هنڌ ذڪر ڪيو آهي ته ”مون تي ان وقت اهڙي روحاني ۽ وجد واري ڪيفيت طاري ٿي، جو مون ڀانيو ته شايد اڳوڻي جنم ۾ آءٌ اسپينيءَ ۾ ان راڳ جو راڳي هئس.“ ان کانپوءِ هن تحقيق ذريعي اها دعويٰ ڪئي ته ”زرياب، جنهن انهيءَ ’ڪينٽو جانڊو‘ نالي راڳ کي اسپين آندو هو، ان جو تعلق نسلي طرح منهنجي ملڪ ’سنڌ‘ سان هو- اِها اُها سرزمين هئي، جيڪا عباسي خليفي جي دور ۾ دمشق جي رستي اندلس سان جڙيل هئي.“ پوءِ پنهنجن انهن دوستن سان گڏ هو جبرالٽر هليو ويو ۽ 1933ع ۾ پنهنجي تعليم اڌوري ڇڏي، اتان جي مشهور راڳي ’پيپ مارچينا‘ (Pepe Marchena) سان دوستي رکيائين، جيڪو سندس راڳ ۽ راڳداريءَ جي ڄاڻ کان گهڻو متاثر ٿيو. انهيءَ کيس ڪاميڪو ٿيٽر (Comico Theater) ۾ ساڻس گڏ ڳائڻ جي دعوت ڏني، جتي هن پنهنجي ملڪ جو منفرد ساز ’هارمونيم‘ وڄايو. ان وقت جي پريس هن کي تمام گهڻو ساراهيو. ان کانپوءِ هن ريڊيو ميڊرڊ تي به ڳايو ته بارسلونا ۾ سندس ڪيترا رڪارڊ پارلوفن ڪمپنيءَ (Parlophon Company) طرفان تيار به ڪرايا ويا. پهرين نومبر 1934ع تي هن کي ان وقت وڌيڪ شهرت ۽ مڃتا حاصل ٿي، جڏهن هن ميڊرڊ ۾ اتان جو هڪ خاص راڳ ڳائي، ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. ان وقت اتان جي مشهور ٿيٽر ’پرائيس سرڪس‘ ۾ هو خاص لباس پائي، مٿي تي ’سنڌي پٽڪو‘ ٻَڌي، اسٽيج تي ويو هو. سندس لاءِ پوسٽر تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو: “The Indian who sings Flemenco”. ان کانپوءِ واري دور ۾ اسپين ۾ گهرو لڙائيءَ سبب وري هن کي تعليم اڌ ۾ ڇڏڻي پئي. هن اسپين کي ڇڏڻ نه ٿي چاهيو، پر ميڊرڊ جي پلازا ڊي بلبائو (Plaza de Bilbao) مقام تي نيشنل آرميءَ طرفان اڇلايل بم ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ مجبوراً هو لنڊن هليو ويو. جتي لنڊن ڪاليج آف ميوزڪ ۽ ٽرنٽي ڪاليج ۾ ميوزڪالاجيءَ ۾ ٻيهر پڙهائي شروع ڪيائين، جتي سندس استاد ’ٿارپ بيٽس‘ (Thrope Bates) هو. هو اسپين ۽ اسپيني راڳ کي وساري نه سگهيو ۽ ڪيترا ڀيرا بي. بي. سي ريڊيو تان اهو ڳائي داد حاصل ڪيو. هن اتي ’سنڌ صوفي سوسائٽيءَ‘ جو بنياد پڻ وڌو. انهيءَ زماني ۾ هو وري واپس اسپين هليو ويو، جتي سندس ملاقات ان وقت اسپين ۾ پاڪستان جي سفير سيد ميران محمد شاهه سان ٿي، جنهن کيس اتي ثقافتي اتاشي ٿيڻ جي آڇ ڪئي. اهو سال 1952ع هو. عزيز بلوچ پنهنجا سمورا پراڻا دوست ڳولي هٿ ڪيا ۽ پنهنجو ڪم شروع ڪيو. 1952ع جي 10 جولاءِ تي هن ’فرينڊس آف پاڪستان ايسوسيئيشن‘ جو بنياد وڌو ۽ ان وقت جي وزير تعليم کان تقريب جي صدارت ڪرايائين. ان ۾ هن اسپيني راڳ کي ’سنڌي راڳ‘ جي انداز ۾ ڳايو ۽ سندس دوست پيپ مارچينا ساڻس اندلسي نموني ۾ ساٿ ڏنو. هن راڳ کي تمام گهڻي پذيرائي ملي ۽ بارسلونا يونيورسٽيءَ توڙي سلامنڪا (Salamanca) يونيورسٽيءَ طرفان هن کي دعوت ڏني وئي ته ٻنهي راڳن جي وچ ۾ هڪجهڙائيءَ تي تحقيق ڪري. هن پنهنجي تحقيق ۾ 711 ڌاري دمشق جي خلافت وقت محمد بن قاسم جي سنڌ ۽ بن زياد'>طارق بن زياد جي ’ابيرين اپٻيٽ‘ (Iberian Peninsula) فتح ڪرڻ جو مثال وٺي، ’اندلس کان دمشق ذريعي سنڌ ڏانهن واٽ‘ جو حوالو ڏنو، جتان سنڌ جي ماڻهن جي اچ وڃ ٿي. ۽ ائين هو زرياب جي اندلس ڏانهن وڃڻ کي ثابت ڪري ٿو، جيڪو اهو راڳ هتان کڻي ويو هو- اها ڳالهه اسپين ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ روما، سنتي ۽ جپسي، لاڏائو- خانه بدوش اصلوڪن لوڪن جي سنڌ مان اوڏانهن وڃڻ واري ڳالهه سان ٺهڪي اچي ٿي. ڪن عالمن لفظ ’جانڊو‘ کي سنڌي لفظ ’جند‘ سان به ڳنڍيو آهي، جنهن جي معنيٰ: ’زندگي يا روح‘ آهي، ان ڪري ان کي ’روحاني راڳ‘ جو درجو مليل آهي، پر ان مفروضي سان گهڻا سهمت نه ٿا ٿين. عزيز بلوچ ’ڪينٽي جانڊو‘ جي سنڌو ماٿريءَ جي صوفي راڳ سان نسبت واري تحقيق ۾ ويهه سال لڳايا. انهيءَ دوران هن ڪيترائي ڪتاب اسپيني ٻوليءَ ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا، جن مان ڪي هي آهن: 1. The Sufi: Practical Sufism, London (English), Sufi Society Publication, 1958 2. Spanish Cante Jondo and its Origin in Sindhi Music, Mehran Art Council Hyderabad, 1968 3. What is Sufisim?, Sindh Sufi Society, 1950 4. Cante Jondo: Su origin y evolucion (Spanish), Madrid: Ediciones Ensayos, 1955. 5. The Sufi Sophiology (Practical Sufism), London Sufi Society, 1968 6. Aziz Baloch: Sufi Hispano- Pakistani (Spanish), Gramofono- Odeon, DL, 1962 7. Cante Jondo: (su origin y evolocion: Spanish), Madrid: Ensayos, 1955. 8. What is Sufism? First elements of the intellectual side of the sufi philosophy (English), Sindh Sufi Society London, 1950. سنڌ جي هن سپوت عزيز بلوچ جي باري ۾ وڌيڪ معلومات ته نه ٿي ملي، پر سن 2002ع ۾ پاڪستان حڪومت طرفان لوڪ موسيقيءَ جي خدمت جي انعام طور کيس سول اوارڊ ’صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي‘ (Pride of Performance) ڏنو ويو، جنهن جو حوالو ’دي نيوز انٽرنيشنل‘ ۾ ملي ٿو.


لفظ عزيز بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو